ادراڪي بيگلاري

ادراڪي بيگلاري: سنڌ ۾ ڏهين صدي هجريءَ جو مشهور فارسي گو شاعر، تاريخدان ۽ ترڪ قبيلي ارغون سان تعلق رکندڙ هو. هن خاندان جو مرڪز نصرپور هو. ادراڪيءَ پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن هتي ئي گذاريا ۽ هتي ئي وفات ڪيائين. هن جي پهرين تصنيف ”مثنوي چنيسر نامه“ آهي، جيڪا هن پنهنجي ممدوح مير ابوالقاسم بن شاهه قاسم زمان بن سيد قاسم بيگلاريءَ جي فرمائش تي 1601ع ۾ لکي. هيءَ مثنوي، سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل آهي. سندس ٻي تصنيف ”بيگلار نامه“ آهي، جنهن ۾ هن ميرابوالقاسم جي والد، شاهه قاسم خان (1017هه/1658ع) جي لڙاين کي فارسي نثر ۾ لکيو آهي. سندس هيءُ ڪتاب ترخاني دؤر متعلق هڪ مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
بيگلارن جو قبرستان نصرپور جي ويجهو، ٽنڊي الهيار- ٽنڊي آدم روڊ تي، اولهه طرف، ’تورڪيءَ‘ جي ڳوٺ ۾ ’ميين ونهيين‘ جي مزار جي ويجهو آهي، جنهن کي ”تورڪيءَ وارو قبرستان“ به سڏين ٿا. ادراڪي بيگلاري به انهيءَ قبرستان ۾ مدفون آهي.


لفظ ادراڪي بيگلاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو